سليمه احمد

سليمه احمد

سليمه احمد

سليمه احمد: پاڪستان جي سينٽرل سپيريئر سروس (C.S.S) جو امتحان پاس ڪندڙ پهرين ڪامياب عورت سليمه احمد، بئنگلور ۾ پيدا ٿي. هن سينٽ جوزف ڪاليج بئنگلور مان گرئجوئيشن ڪئي، پوءِ مدراس يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (معاشيات) جي ڊگري حاصل ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ هوءَ پاڪستان آئي ۽ 1949ع ۾ سي. ايس. ايس جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ شريڪ ٿي ۽ چوٿين پوزيشن حاصل ڪيائين. ساڳئي سال پاڪستان جي آڊٽ ائنڊ اڪائونٽس سروسز جي ملازمت اختيار ڪيائين. سندس پهرين مقرري اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جنرل جي حيثيت سان ٿي. 1955ع ۾ ناڻي واري وزارت ۾ نائب مشير ماليات مقرر ٿي، 1965ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ماليات جي مشير مقرر ٿي ۽ بعد ۾ ترقي ڪري اوڀر پاڪستان جي اڪائونٽنٽ جنرل بڻي. 1971ع ۾ بچاءَ واري وزارت ۾ ڊائريڪٽر ماليات، 1973ع ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ۾ مالياتي مشير، 1975ع ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر فنانس ۽ 1978ع ۾ پاڪستان صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽر مقرر ٿي.
1954ع ۾ بيگم سليمه احمد ڪراچي ڪلب قائم ڪئي. 1975ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور حڪومت ۾ وومين ڊويزن قائم ٿي ته سليمه احمد ان جي سيڪريٽري مقرر ٿي ۽ 1985ع ۾ ان عهدي تان رٽائر ڪيائين. سندس مڙس رئيس الدين انوار احمد ماليات جو ماهر هو ۽ 1987ع ۾ سنڌ جي اڪائوٽنٽ جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
بيگم سليمه احمد بين الاقوامي سطح تي ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، 1983ع ۾ اقوام متحده جي عورتن واري ڪميشن ۽ 1985ع ۾ غير جانبدار ملڪن جي تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفدن ۾ شريڪ رهي. پاڪستان فيڊريشن آف بزنس اينڊ پروفيشنل وومينس جي صدر به رهي آهي. سليمه احمداپوا‘ جي پڻ صدر رهي آهي.
1965ع ۾ سليمه احمد کي پاڪستان سرڪار ’ستاره خدمت‘ جو تمغو ڏنو ۽ 1988ع ۾ کيس اقوام متحده جو ’امن جو پيغامبر‘ جو اوارڊ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل هٿان نيويارڪ ۾مليو.


لفظ سليمه احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو